سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به برسات ، مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو

 سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٻي ڏينهن به برسات جاري، ڪراچي ۾ گجگوڙ سان مسلسل وسڪارو جاري رهيو، موسم خوشگوار ٿي وئي

ڊفينس، ڪلفٽن، ڪياماڙي، صدر، شير شاهه، منگهو پير، گلشن اقبال، ملير ۽ ڪورنگي ۾ پاڻي بيهجي ويو، حيدرآباد، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٺٽو ۽ ٽنڊو غلام حيدر ۾ برسات پئي

ٽنڊو باگو، ڪڙيو گهنور، جهوڪ ۽ سجاول جوڻيجو ۾ وسڪارو، هالا، ميرپورساڪرو، سجاول، بدين، ڪڍڻ، سيراڻي ۽ نندو ۾ برسات، دڙو، کوسڪي، شادي لارج، ملڪاڻي، ڪنري ۽ ڏيئي ۾ به برسات پئي

شهدادپور، گهارو، قصبو، نئون ڪوٽ ۽ سيراڻي سميت مختلف علائقن ۾ به وسڪارو پيو

موسميات کاتي چيو آهي ته پهرين سسٽم ۾ سڀاڻي تائين هلڪي کان وچولي برسات ٿي سگهي ٿي، 17 اپريل تي داخل ٿيندڙ ٻي سسٽم ۾ ٿنڊر سيلز ٺهي سگهن ٿا، ڪراچي ۾ 18 ۽ 19 اپريل تي گجگوڙ سان برسات جا امڪان آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔