وچ اوڀر جي صورتحال تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي، پاڪستان

اسلام آباد: ايران ۽ اسرائيل ڇڪتاڻ تي ردعمل ڏيندي پاڪستان چيو آهي ته پاڪستان کي وچ اوڀر جي صورتحال تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي.ان حوالي سان پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان صورتحال جو ڳڻتي سان جائزو وٺي رهيو آهي، پاڪستان ڪيترن ئي مهينن کان عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو هو.ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان چيو هو ته خطي ۾ دشمني بند ڪئي وڃي ۽ غزه ۾ جنگبندي جو اعلان ڪيو وڃي، تازو واقعا سفارتڪاري جي ناڪامي جو مظهر آهن.هن چيو ته اهڙن واقعن جا سنگين اثر آهن، هتي به گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل عالمي امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ ۾ ناڪام وئي آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هاڻ صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ ۽ امن بحال ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، سموريون پارٽيون صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺن ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اڳتي وڌن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔