آپريشن مڪمل ٿيو! سفارتخاني کي نشانو بنائڻ جي جواب ۾ اسرائيل تي حملو ڪيو: ايران

تهران:ايران اسرائيل تي ميزائل ۽ ڊرون حملن کان پوءِ آپريشن مڪمل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

عرب ٽي وي موجب ايران چيو آهي ته اسرائيل تي حملو دمشق ۾ ايران جي سفارتخاني کي نشانو بنائڻ جي نتيجي ۾ ڪيو ويو آهي جيڪڏهن اسرائيل بيوقوفي ڪندي جوابي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته وڏي پيماني تي نقصان کڻڻ لاءِ تيار رهي.

ايران اسرائيل جي گادي واري شهر تل ابيب کان علاوه دفاعي ٺڪاڻن ۽ گولان جي جابلو علائقي تي فوجي ٺڪاڻن کي به نشانو بنايو جڏهن ته 300 کان وڌيڪ بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا.

ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته تهران اسرائيل ۾ 50 سيڪڙو حدفن کي نشانو بنائڻ ۾ ڪامياب رهيو. اسرائيلي هوائي اڏي کي خيبر ميزائلن سان ٽارگيٽ ڪيو ويو.

ياد رهي ته ايران پهرين اپريل تي دمشق ۾ پنهنجي سفارتخاني تي ڪيل اسرائيلي هوائي حملي جو بدلو وٺڻ جو ارادو ظاهر ڪيو هو. اسرائيلي حملي ۾ هڪ  ايراني جنرل ۽ 6 ٻيا ايراني فوجي آفيسر مارجي ويا هئا.

ٻئي طرف گذريل سال آڪٽوبر کان جاري غزه جنگ ۾ هينئر تائين 33 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا جن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو انگ وڌيڪ آهي. اهڙي طرح هڪ طرفي جنگ ۾ مارجي ويل اسرائيلين جو انگ  1500 کان وڌيڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔