سعودي سيڙپ، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، 70 هزار جي حد پار

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس اڄ 70 هزار جي حد پار ڪري تاريخي رڪارڊ قائم ڪري ورتو. گذريل ڏينهن انديڪس 69 هزار جي حد پار ڪئي ۽ اڄ وري نئون رڪارڊ قائم ڪيو. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ وڏين ڪمپنين جي شيئرز جي قيمت وڌي رهي آهي. سعودي عراب پاران پنج ارب دالر جي سيرپڪاري ۽ حڪومت پاران آءِ ايم ايف جي آخري قسط حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ شرط تسليم ڪرڻ ۽ نئين پروگرام لاءِ ڳالهين جي شروعات وارين مثبت خبرن بعد اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي آئي آهي ۽ روز نوان رڪارڊ قائم ٿي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔