پ پ جو يوسف رضا گيلاني بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين چونڊجي ويو

اسلام آباد: حڪومتي اتحاد طرفان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين چونڊجي ويو. جڏهن ته مسلم ليگ(ن) جو سردار سيدال خان ناصر بنا مقابلي ڊپٽي  سينيٽ چيئرمين چونڊجي ويو آهي.

سينيٽ اجلاس ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پرزائيڊنگ آفيسر جون ذميواريون انجام ڏنيون. سينيٽ اجلاس جي شروعات ٿيندي ئي تحريڪ انصاف طرفان احتجاج ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جي علي ظفر خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جيستائين ڪي پي ڪي جا سينيٽر نٿا اچن هن اجلاس کي ملتوي ڪيو وڃي.  

هوڏانهن پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پرزائيڊنگ آفيسر جي طور تي نون چونڊيل سينيٽرن کان حلف ورتو جنهن کان پوءِ ميمبرن رول آف ميمبرز تي صحيحون ڪيون. آزاد حيثيت ۾ سينيٽر چونڊجندڙ فيصل واوڊا ۽ جي يو آءِ جي مولانا عبدالواسيع سينيٽ جي ميمبر طور حلف نه کنيو. اسحاق ڊار چيو ته سينيٽ جي  چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ٻنپهرن جو ساڍي 12 وڳي ٿيندي. چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي ڪاغذن جي اسڪروٽني سوا 11 وڳي ٿيندي. ان ڪري ڪاغذ يارنهن وڳي کان اڳ  سينيٽ سيڪريٽري  جي آفيس ۾ جمع ڪرايا وڃن

سينيٽ چيئرمين جي اميدوار يوسف رضا گيلاني نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ۽ ڊپٽي سينيٽ چيئرمين لاءِ حڪومتي اتحاد جي اميدوار سيدال خان ناصر نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جڏهن ته ٻنهي اميدوارن جي مقابلي ۾ ڪنهن به ڪاغذ جمع نه ڪرايا.

ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ڪالهه سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. پي ٽي آءِ جو مطالبو آهي ته پي  خيبرپختونخواهه جي سينيٽرز جي ايوان ۾ موجودگي تائين چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ملتوي ڪئي وڃي.

سينيٽ ۾ هن وقت 42 ميمبر آهن جن مان پي ٽي آءِ  13 سينيٽرن سان سڀني کان وڏي پارٽي آهي جڏهن ته پ پ جا 10،(ن) ليگ جا 6، جي يو آءِ(ف) 3، بلوچستان نيشنل پارٽي هڪ، ايم ڪيو ايم 2،(ق) ليگ هڪ، بلوچستان عوامي پارٽي 4، اي اين پي2 ۽ 2 آزاد سينيٽر آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔