فالوورن ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي،ايڪس جي صارفن کي وارننگ

نيويارڪ : ايڪس پاران واهپيدارن کي چيو ويو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ان جي فالوورز جي انگ ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي. ڪمپني پاران سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس کي اسپام ۽ چيٽ بوٽس جهڙن اڪائونٽس جي صفائي شروع ڪئي پئي وڃي. ڪمپني پاران اهو اعلان هڪ ايڪس پوسٽ ۾ ڪيو ويو آهي. ڪمپني ٻڌايو آهي هڪ وڏي مهم شروع ڪئي ٿي وڃي جنهن تحت اهڙن اڪائونٽس جي صفائي ٿيندي جيڪي ايڪس جي قانونن جي خلاف ورزي ڪندا آهن. ايلون مسڪ وڏي عرصي کان ايڪس ۾ اسپام مواد جي روڪ ٿام بابت ڳالهائي رهيو آهي. نومبر 2022 ۾ هن لکيو هو ته اسپام مواد جي روڪٿام سندس پهرين ترجيح آهي. ور اسپام پوسٽس جي روڪ ٿام سوچ کان وڌيڪ ڏکي نڪتي ڇاڪاڻ ته ايلون مسڪ ڪمپني جي ٽرسٽ اينڊ سيفٽي ٽيم جا مختلف ماڻهو ڪڍي چڏيا هئا. اي آءِ ٽيڪنالوجي ۾ اڳڀرائي کانپوءِ به اسپام مواد جي روڪ ٿام ڏاڍي مشڪل آهي. ايلون مسڪ بوٽس جي روڪ ٿام لاءِ اڪائونٽس ويريفڪيشن مهيني جي فيس سان ڳنڍي هئي پر ان سان به فرق نه پيو. ڪمپني موجب اسپام ۽ بوٽس جي صفائي وڏي پيماني تي ٿيندي جنهن جي نتيجي ۾ واهپيدارن جي فالوورز جي انگ ۾ گهٽتائي ٿيندي. ايڪس پاران اهڙي فارم جي لنڪ ونڊي وئي آهي جتي ان مهم سان متاثر ٿيندڙ ماڻهو اپيل ڪري سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔