بسما معروف ۽ غلام فاطمه ڪار حادثي ۾ زخمي

ڪراچي :ڪراچي ۾ جاري قومي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽريننگ ڪيمپ ۾ حصو وٺندڙ ٻه رانديگر بسما معروف ۽ غلام فاطمه ڪار حادثي ۾ معمولي زخمي ٿي پيا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب ٻئي رانديگر ڪراچي ۾ جاري ڪيمپ جو حصو آهن ۽ جمعي جي رات ڪار حادثي ۾ معمولي زخمي ٿي پيا، جنهن بعد کين ابتدائي طبي امداد ڏني وئي.ٻنهي رانديگرن جا مقامي اسپتال ۾ احتياطي ٽيسٽ پڻ ڪرايا ويا آهن ۽ پي سي بي جي ميڊيڪل پينل جي نگراني ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب جمعي جي رات ٻئي رانديگر ڪراچي ۾ رهندڙ ساٿي ڪرڪيٽر سان چانهه پيئڻ لاءِ هوٽل کان نڪتا هئا ته يوٽرن وٺڻ دوران ڪار فوٽ پاٿ تي ڪري پئي، حادثي ۾ ٻيا رانديگر محفوظ رهيا.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته بسمه ۽ غلام فاطمه جا زخم تمام معمولي آهن ۽ کين ڪو به خطرو ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔