سپريم ڪورٽ جي وڌيڪ 5 ججن کي شڪي خط وصول

اسلام آباد: اعليٰ عدليه جي ججن کي ڌمڪي جوڳا خط ملڻ جو سلسلو جاري آهي، سپريم ڪورٽ جي وڌيڪ 5 ججن کي خط وصول ٿيا، جنهن کانپوءِ مجموعي انگ 10 ٿي ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ملندڙ خط وفاقي پوليس جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ حوالي ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب سمورن خطن کي گڏ ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي ججن کي ملندڙ خطن تي به آرسينڪ پائونڊر آهي، هيل تائين سپريم ڪورٽ جي 10 ججن کي خط ملي چڪا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورا خط هڪ ئي تاريخ تي آيا هئا، ڪجهه ججن کي هاڻ مليا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔