سستي بجلي، ڪي اليڪٽرڪ شهرين کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي: ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي مهانگي بجلي کان تنگ ڪراچي جي شهرين کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.

مونس علوي صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ سستي متبادل ذريعن سان بجلي ڪي اليڪٽرڪ سسٽم ۾ شامل ٿيندي

هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي سسٽم ۾ ايندڙ ٻن سالن ۾ 640 ميگا واٽ بجلي شمسي ۽ ونڊ انرجي شامل ٿيندي، سولر ۽ ونڊ پاور سان بجلي جي پيداواري قيمت ۾ چڱي ڀلي لاٿ ايندي.

سندس چوڻ هو ته متبادل ذريعن سان بجلي بابت هيل تائين 40 ڪمپنين دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، جنهن ۾ يورپ، چين ۽ وچ اوڀر جون 12 ڪمپنيون شامل آهن.

ڪي اليڪٽرڪ سي اي او چيو ته متبادل توانائي جا پراجيڪٽ بلچتسان حب، اوٿل، بيله ۽ ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون ۾ لڳايا ويندا، سولر ۽ ونڊ پاور پراجيڪٽ ۾ 4 سئو ملين ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپڪاري جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔