شانگلا ۾ چيني انجينئرن تي حملو، 10 کان وڌيڪ دهشتگرد ۽ سندن سهولتڪار گرفتار

پشاور : خيبرپختونخواهه جي علائقي شانگلا ۾ چيني انجنيئرن تي آپگهاتي حملي ۾ ملوث 10 کان وڌيڪ دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو.سي ٽي ڊي ذريعن موجب حملي ۾ ملوث اهم ڪمانڊر ۽ دهشتگرد نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪيو ويو آهي، ملوث نيٽ ورڪ جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي سان آهي.سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبار جو تعلق افغانستان سان آهي، خودڪش بمبار کي افغانستان مان آڻيندڙ ڪمانڊر کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.سي ٽي ڊي ذريعن موجب گرفتار ٿيلن ۾ 4 سهولتڪار به شامل آهن، بارود سان ڀريل گاڏي افغانستان ۾ ٺاهي وئي هئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بارود سان ڀريل گاڏي چمن ذريعي ڊي آءِ خان دارا زنده پهتي، دارا زنده کان چاڪدرا تائين ڪار کڻي ويندڙ ڊرائيور کي اڍائي لک رپيا ڀاڙو ڏنو ويو.سي ٽي ڊي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبار جي موبائل سم جي مدد سان اهم گرفتاريون ڪيون ويون آهن، جنهن شخص جي نالي تي موبائل سم رجسٽرڊ ڪئي وئي هئي اها هڪ ٻئي کي ڏني وئي ۽ پوءِ ٻئي آپگهاتي بمبار کي ڏني وئي.جاچ ٽيم جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي 10 ڏينهن کان شانگله ڀرسان پيٽرول پمپ تي پارڪ ڪئي وئي هئي، گاڏي 10 ڏينهن لاءِ 500 رپيا في روز جي ڪرائي تي پارڪ ڪئي وئي هئي.ذريعن موجب آپگهاتي حملي واري ڏينهن گاڏي کي ڌماڪي واري جاءِ تي آندو ويو هو، گاڏي کي چمن کان چاڪره منتقل ڪندڙ سهولتڪار کي بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو هو.سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي جو ماسٽر مائينڊ حضرت بلال داسو به ڊيم حملي ۾ ملوث ۽ گهربل آهي، آپگهاتي بمبار جي 2 ساٿين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته گاڏي کي نان ڪسٽم پيڊ گاڏي اسمگلر چاڪر آندو هو، اسمگلر هڪ هفتي ۾ 20 کان 30 گاڏيون چمن کان چاڪدرا آڻيندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔