اي آءِ جو استعمال ڪري نئين طريقي سان فراڊ شروع

واشنگٽن :ماهرن اسمارٽ فون جي واهپيدارن کي سائبر ڏوهارين پاران فراڊ ڪرڻ جي نئين لهر بابت هشيار ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب سائبر ڏوهاري هاڻي ڊيپ فيڪس نالي هڪ ڪلون ٽيڪنالاجي ذريعي واهپيدارن کي دوستن، مٽن مائٽن ايتري قدر جو ڪسٽمر سروس نمائندن جي آواز جو نقل بڻائي ڪم ڪندي آهي.مصنوعي ذهانت ذريعي ٿيندڙ اهڙن ڏوهن کي ٻن طريقن سان ڪيو ويندو آهي. پهريون ڏوهاري جو هدف مٽن جي آواز جا نمونا گڏ ڪندا آهن پوءِ اي آءِ وائس ڪلوننگ ٽيڪنالوجي ذريعي نقل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. نقل آواز تيار ٿيڻ کانپوءِ فراڊ ڪندڙ فون ڪري ڪلوننڊ آواز کي استعمال ڪندي اعتماد قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ان کانپوءِ مٽن مائٽن ۾ ڪنهن سان معاشي مسئلن بابت ڳالهه ڪندي فوري مالي امداد جي درخواست ڪندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔