سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻي جي کوٽ وڌي وئي

سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻي جي کوٽ وڌي وئي، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجز تي غير معمولي لاٿ، ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سنڌو درياهه ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب لاڙ پٽ وارو علائقو سخت متاثر ٿي رهيو آهي

آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام  خان شورو چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ واري مسئلي تي وفاق سان اختلاف آهن، سنڌ جي ڪئنالز ۾ 70 سيڪڙو تائين پاڻي جي کوٽ آهي،روٽيشن پروگرام  تحت فصلن ۽ پيئڻ واري پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري  رهيا آهيون

هن چيو ته نارا ۽ روهڙي ڪئنالز کي 7 هزار 200 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي، سنڌ جي ٻين ڪئنالز  ۾ 70 سيڪڙو تائين پاڻي جي  کوٽ آهي، صوبائي وزير طرفان سنڌ ۾ فصلن جي پيداوار لاءِ پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو وي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔