فزيڪل فٽنيس ڪيمپ لاءِ 29 رانديگرن جي نالن جو اعلان

لاهور : ڪاڪول ۾ اڱاري کان شروع ٿيندڙ فزيڪل فٽنيس ڪيمپ لاءِ 29 رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اعلان ڪيو آهي ته اڱاري کان ڪاڪول ايبٽ آباد ۾ لڳندڙ فٽنيس ڪيمپ ۾ 29 رانديگر شرڪت ڪندا، رانديگر اڄ رپورٽ ڪندا.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪ فوج جي سهڪار سان هي ڪيمپ لڳائي رهيو آهي، جنهن ۾ رانديگرن کي خاص حڪمت عملي تحت ايندڙ سيريز ۽ ٽورنامينٽ لاءِ تيار ڪيو ويندو. جنهن ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز، آئرلينڊ، انگلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز ۽ آمريڪا، ويسٽ انڊيز ۾ منعقد ايندڙ ICCT20 ورلڊ ڪپ شامل آهن.ڪيمپ 26 مارچ کان شروع ٿيندي ۽ 8 اپريل تي پڄاڻي ٿيندي، ڪئمپ ۾ ٽيم جي تياري تي ڌيان ڏنو ويندو. ان جو مقصد رانديگرن جي جسماني ۽ ذهني طاقت کي وڌائڻ آهي ڪيمپ ۾ تجربيڪار ٽرينرز ۽ ڪوچز جي رهنمائيءَ هيٺ، رانديگر هڪ جامع پروگرام مان گذرندا، جيڪو انهن جي فٽنيس جي سطح، چستيءَ، قيادت، اسٽريٽجڪ سوچ ۽ فيلڊ تي مجموعي ڪارڪردگيءَ کي وڌائڻ لاءِ تيار ڪيو ويندو. 29 رانديگرن ۾ بابر اعظم، محمد رضوان، وسيم ايوب، فخر زمان، صاحبزاده فرحان، حسيب الله، سعود شڪيل، عثمان خان، محمد حارث، سلمان علي آغا، اعظم خان، افتخار احمد، عرفان خان نيازي، شاداب خان، عماد وسيم شامل آهن. انهن ۾ اساما مير، محمد نواز، مهران ممتاز، ابرار احمد، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه، محمد عباس آفريدي، حسن علي، محمد علي، زمان خان، وسيم جونيئر، عامر جمال، حارث رئوف ۽ محمد عامر شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔