سوشل ميڊيا نوجوانن ۾ مايوسي ۽ ڊپريشن جو سبب قرار

لنڊن : سوشل ميڊيا جو حد کان وڌيڪ استعمال نوجوانن ۾ مايوسي ۽ ڊپريشن جهڙن مسئلن جو سبب بڻجي رهيو آهي. ورلڊ هيپينيس رپورٽ بابت تبصرو ڪندي يو ايس سرجن جنرل ڊاڪٽر ويويڪ مورٿي چيو ته ٻارن کي سوشل ميڊيا جي اجازت ڏيڻ ائين آهي جيئن کين غير محفوظ دوائن جو استعمال ڪرايو وڃي. هن چيو ته سموري دنيا جي حڪومتن طرفان سوشل ميڊيا کي ريگوليٽ ڪرڻ ۾ ناڪامي ناقابلِ يقين آهي. واضح رهي ته ورلڊ هيپينيس رپورٽ موجب، سموري دنيا ۾ 15 کان 24 سالن جي عمر وارن ماڻهن ۾ مايوسي جو احساس وڌي رهيو آهي. رپورٽ ۾ نوجوانن جي مايوسي ۽ ڊپريشن وڌڻ جي سبب تي روشني ته ناهي وڌي وئي پر يو ايس سجرن جو خيال آهي ته ان جو ڪارڻ نوجوانن جو حد کان وڌيڪ سوشل ميڊيا تي وقت گذارڻ آهي. هن هڪ تحقيق جو حوالو پڻ ڏنو جنهن موجب، آمريڪي نوجوان سراسري طور روز اٽڪل پنج ڪلاڪ تائين سوشل ميڊيا جو استعمال ڪن ٿا. ڊاڪٽر ويويڪ مورٿي چيو ته هو اهڙي ڊيٽا جي اوسيئڙي ۾ آهي جنهن سان ثابت ٿئي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ محفوظ آهن. هن اهڙي قانونسازي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ته جنهن سان نوجوانن کي سوشل ميڊيا سبب ٿيندڙ نقصان کان بچائي سگهجي . ياد رهي ته سوشل ميڊيا ڪمپنيون ورهين کان تنقيد جي زد ۾ آهن ڇو ته انهن کي نوجوان نسل جي ذهني صحت وارن مسئلن جو ذميوار قرار ڏنو ويندو آهي. 2021ع ۾ هڪ رپورٽ ۾ فيسبوڪ جي اندروني دستاويزن جو حوالي سان ٻڌايو ويو ته انسٽاگرام استعمال ڪندڙ 32 سيڪڙو ناريون پنهنجي شخصيت جي ڀيٽڻ کانپوءِ احساسِ ڪمتري جو شڪار ٿي وينديون آهن.آڪٽوبر 2023 ۾ ڪيئي آمريڪي رياستن ميٽا خلاف ڪيس داخل ڪندي الزام مڙهيو ويو ته ڪمپني جون سوشل ميڊيا ايپس نوجوانن جي ذهني صحت کي نقصان پبچائي رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔