لاهور: راوي ۽ چناب دريائن جي خانيوال ويجهو سنگم تي پاڻي جھي ٻٽي دٻاءَ سبب ملتان ۽ مظفرگڙهه ضلعن لاءِ وڏي خطري جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي، جنهن بابت صوبي جي اختيارين”ٻٽي خطري“ جي روشني ۾ بي مثال آفت لاءِ تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن، جيتوڻيڪ گذريل هفتي دوران ڪيترن ئي جاين تي ڪنٽرولڊ بند ٽوڙيا ويا هئا. اختيارين جو چوڻ آهي ته ملتان ۽ مظفر ڳڙهه شهرن کي بچائڻ لاءِ 17 جاين تي ڪٽ لڳائڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ پاڻي خطري جي سطح تي وڌڻ جي صورت ۾ اڄ خميس تي ڪنهن به وقت ڪٽ لڳايا ويندا. هيڊ محمدوالا ۽ شير شاهه وٽ پاڻيءَ جي سطح 412 فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا رڳو پنج فوٽ خطرناڪ سطح کان گهٽ آهي. اختيارين ايندڙ 12 ڪلاڪ انتهائي نازڪ قرار ڏنا، ڇو ته خانيوال وٽ راوي ۽ چناب جي سنگم کان پوءِ ٽٽل بندن تي دٻاءُ وڌندو پيو وڃي. اوڀر جي دريائن جي ڪنارن تي آباد شهرن کي بچائڻ لاءِ پنجاب حڪومت ڪنٽرول ٿيل بند ٽوڙڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، ته جيئن بئراجن ۽ مکيه بندن تي دٻاءُ گهٽجي ۽ شهرن کي تحفظ ملي سگهي. محمدوالا هيڊ، شير شاهه فلڊ بَنڊ ۽ رنگپور تي بند ٽوڙڻ بابت اهم فيصلو ڪجهه ڪلاڪن اندر ٿيڻ جي اميد آهي، 17 امڪاني هنڌن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. ساڳي وقت، حالتون ان ڪري وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويون آهن جو لڳ ڀڳ 5.5 لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جو وڏو ريلو مراله ۽ خانڪي هيڊ ورڪس مان گذري قادرآباد هيڊ ورڪس وٽ 5.3 لک ڪيوسڪ جي شدت سان رڪارڊ ٿيو، جيڪو خميس تي تريمو هيڊ ورڪس ۽ جمعي تائين ملتان خطي ۾ پهچڻ جي اميد آهي. صوبي جي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) جي هڪ آفيسر چيو: ”ايندڙ 12 ڪلاڪ انتهائي نازڪ آهن، اسان ٻٽي خطري کي منهن ڏئي رهيا آهيون: موجوده اونچي سطح ۽ هڪ نئين وڏي لهر جيڪا سڌو اسان ڏانهن اچي رهي آهي، سمورا وسيلا متحرڪ ڪيا ويا آهن“. ٻئي پاسي، ريلوي ٽريفڪ فيصل آباد کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان فيصل آباد تائين معطل ڪئي وئي، ڇو ته عبدالحڪيم ۾ چناب درياءَ تي پل پاڻي هيٺ اچي وئي آهي.