اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف شنگھائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي چين کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو چين جي ترقياتي ماڊل مان سکڻ چاهي ٿو. وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف بيجنگ ۾ پنهنجي چيني هم منصب لي ڪيچيانگ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ-چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جلد ئي چيني سرمائي مارڪيٽ ۾ پانڊا بانڊ جاري ڪندو. اجلاس ۾ سي پيڪ تحت ايم ايل-1 جي جلد عملدرآمد، قراقرم هاءِ وي ۽ گوادر پورٽ جي ٻيهر ترتيب تي زور ڏنو ويو.ان کان علاوه، پاڪ-چين وزيراعظمن جي ملاقات ۾ سي پيڪ فيز 2 تي تيزي سان ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن ۾ 5 نوان ڪوريڊور شامل آهن.وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بي ٽو بي سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ 300 پاڪستاني ۽ 500 چيني ڪمپنين شرڪت ڪئي، جنهن ۾ زراعت، معدنيات، ٽيڪسٽائل، صنعت ۽ آئي ٽي کي سيڙپڪاري لاءِ ترجيحي شعبا قرار ڏنو ويو.وزيراعظم شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهه اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي چين کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان چين جي ترقي جي ماڊل مان سکڻ چاهي ٿو.وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي خودمختياري ۽ ترقي لاءِ چين جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو ۽ صدر شي جن پنگ جي عالمي قدمن لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو.بيان موجب، ملاقات ۾ گڏيل ايڪشن پلان 29-2024 تي دستخط کي هڪ اهم سنگ ميل سمجهيو ويو. ٻنهي اڳواڻن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، آئي ٽي، ميڊيا ۽ زراعت سميت ڪيترن ئي معاهدن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.ٻنهي اڳواڻن ايندڙ سال پاڪستان-چين سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه شاندار انداز ۾ ملهائڻ تي اتفاق ڪيو.