برازيل ۾ برسات ۽ طوفان، 25 ڄڻا فوت،ايمرجنسي نافذ

براسيليا: برازيل جي ڏکڻ اوڀر ۾ تيز برساتن ۽ طوفان تباهي مچائي ڇڏي، 25 ڄڻا فوت ٿي ويا.ميڊيا رپورٽن موجب مارجي ويلن جا واقعا ريو ڊي جينيرو ۽ اسپيريٽو سينٽو ۾ ٿيا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين گم آهن.ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ملڪيتون تباهه ۽ گهر ڊهي پٽ ٿي ويا.ميڊيا رپورٽن موجب برازيل جي رياست ريو ڊي جينيرو ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب هزارين ماڻهو بي گهر ۽ لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.اختيارين ٻڌايو آهي ته متاثر علائقن مان 5400 کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته 270 کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔