آءِ ايم ايف قرض ڏئي ٿو امداد نه، جيڪو ادا ڪرڻو پوندو:ڄام ڪمال

ڪراچي: وفاقي واپار واري وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته آءِ ايم ايف قرض ڏيندو آهي امداد نه ڏيندو آهي جيڪو واپس ڪرڻو پوندو.مزار قائد تي حاضري کانپوءِ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال يوٽيلٽي اسٽور جو دورو ڪيو ۽ مختلف شين جي قيمتن جو جائزو ورتو.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ باقي رهيل معاملا به ڏسڻ گهرجن، گورننس جو ڍانچو طئي ڪيو وڃي،هن چيو ته معيشت، بيروزگاري ۽ امن امان اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهن، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ميڪنزم ٺاهينداسين،وفاقي حڪومت اڇي پوش طبقي جي سهولت لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪندي.وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته پاڪستان هن وقت مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي،معاشي اشارن کي اعليٰ سطح تي وٺي وڃڻو آهي،حڪومت معاشي سڌارن لاءِ سمورا اهم قدم کڻندي.ڄام ڪمال جو چوڻ آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز مان عوام فائدو حاصل ڪري رهيو آهي، انهن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.هن چيو ته مزار قائد تي اچي پاڪستان لاءِ ڏنل قربانين جو احساس آهي، شهباز شريف جي قيادت ۾ مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.وفاقي واپار واري وزير جو چوڻ آهي ته هو سمورن اتحادين کي گڏ کڻي هلندا، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ ٻيون پارٽيون حڪومت جو حصو آهن، حڪومت ٺاهڻ ۾ پيپلز پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔