بلاول جي هندو برادري کي هولي جي مبارڪباد

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برادري کي هولي جي مبارڪباد ڏني آهي.

هولي جي تهوار تي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رنگن جو تهوار هولي برائي تي سٺائي جي فتح جي علامت آهي.

هن چيو ته هولي جهڙا تهوار رڳو هڪ برادري نه پر وڏي معنيٰ ۾ معاشرن لاءِ اهميت رکن ٿا، اهڙا تهوار ماڻهن ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏين ٿا.

سندس چوڻ هو ته پ پ برابري، انصاف ۽ اجتماعيت تي يقين رکي ٿي، اسان قائداعظم، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي فڪر مان رهنمائي حاصل ڪندا آهيون.

پ پ چيئرمين چيو اچو ته اڄ ثقافتي ۽ مذهبي فرق کان مٿانهان ٿي ڀائيچاري ۽ دوستي جي جذبي کي اختيار ڪيون، هي تهوار سڀني لاءِ خوشي، امن ۽ خوشحالي جو وسيلو ثابت ٿئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔