ڪنگنا رناوت پاران اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو

ممبئي:بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت باضابطه طور سياست ۾ شامل ٿي وئي، کيس ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي ٽڪيٽ ملي وئي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڪنگنا رناوت ڀارت ۾ هلندڙ سال ٿيندڙ عام چونڊن ۾ بي جي پي جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهندي نظر ايندي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بي جي پي آچر تي ملڪ جي لوئر هائوس (لوڪ سڀا) چونڊن لاءِ 111 اميدوارن جي پنجين لسٽ جاري ڪئي، جنهن ۾ ڀارتي اداڪارا ڪنگنا رناوت جو نالو به شامل آهي.رپورٽ موجب ڪنگنا رناوت کي ڀارتي رياست هماچل پرديش جي ضلعي منڊي جي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڀارتي اداڪارا کي زيل منڊي کٽڪٽ ڏيڻ جو سبب اهو آهي ته هوءَ ضلعي جي ڀمبلا نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿي.ڪنگنا رناوت سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي بي جي پي جي ٽڪيٽ ملڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي لکيو ته ”منهنجي پياري ڀارت ۽ ڀارتيه جنتا جي پنهنجي پارٽي ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) هميشه منهنجي غير مشروط حمايت ڪئي آهي. اڄ بي جي پي جي قيادت مون کي منڊي، هماچل پرديش، منهنجي جنم ڀومي کان سندن لوڪ سبھا اميدوار طور اعلان ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔