علي امين جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست منظور

اسلام آباد:دهشتگردي ٽوڙ عدالت جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀتاخوري ڪيس ۾ وڏي وزير ڪي علي امين گنڊاپور جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي.خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي وڪيلن سان گڏ اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي هن جڊيشل ڪمپليڪس سانحي ڪيس ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي دوران علي امين جي وڪيل راجا ظهور دليل ڏيندي چيو ته علي امين گنڊاپور ايف آءِ آر ۾ نالو آهي پر ان جو ڪو به ڪردار ناهي، هو ان وقت پيش نه هو، سندس خلاف 50 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن. عدالت تائين پهچڻ جي اجازت به نه ڏني وئي.عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔