ڊي آءِ خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي ويجهو آپگهاتي ڌماڪو، 2 اهلڪارشهيد

راولپنڊي: ڊي آءِ خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب ڊي آءِ خان ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي جي ويجهو آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، آپگهاتي حملي ۾ 38 ورهين جو نائب صوبيدار ياسر شڪيل ۽ 34 ورهين جو سپاهي طاهر نويد شهيد ٿي ويا. ياسر شڪيل ۽ طاهر نويد جو تعلق ڪوهاٽ سان آهي.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن. اسان جي بهادرن نوجوانن جون قربانيون ان عزم کي مضبوط ڪري رهيون آهن. هن بزدلاڻي حملي جي ذميوارن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔