حماس پاران اسرائيل جي ٽن ٽينڪن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ

غزهه : اسرائيلي جارحيت جي جواب ۾ حماس جا جوابي حملا جاري آهن.حماس چيو آهي ته القسام برگيڊ الشفا اسپتال جو گهيرو ڪندڙ اسرائيلي فوج تي ڪيترائي حملا ڪيا ۽ گذريل 2 ڏينهن دوران اسرائيلي فوجين ۽ ٽينڪن تي حملن جون وڊيوز به جاري ڪيون ويون آهن.وڊيو ۾ اسرائيلي سپاهين کي اسنائپر رائفلز سان عمارت کي نشانو بڻائيندي ڏسي سگهجي ٿو.حماس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن الشفا اسپتال جي چوڌاري الياسين راڪيٽن سان 3 اسرائيلي ٽينڪن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته اسرائيلي فوج الشفا ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ڪيترن ئي سهولتن کي تباهه ڪيو ۽ اسپتال جي چوڌاري عمارتن تي بمباري پڻ ڪئي.حماس جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج الشفا اسپتال مان بي گهر ماڻهن کي حراست ۾ ورتو، اسرائيلي فوج الشفا اسپتال جي طبي عملي ۽ مريضن سان بدتميزي ڪري رهي آهي.حماس چيو ته الشفا ڪمپليڪس جي تباهي تي عالمي برادري جي خاموشي شرمناڪ آهي، الشفا اسپتال جو گهيرو گڏيل قومن جي بي عزتي ۽ اخلاقي ناڪامي آهي. عالمي برادري ۽ اقوام متحده صهيوني قتل جي مشين کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي.حماس وڌيڪ چيو آهي ته عالمي برادري ۽ گڏيل قومن واشنگٽن تي دٻاءُ وجهڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، عرب ملڪ غزه ۾ زندگي جي سهولتن جي تباهي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔