ميٽرڪ بورڊ 2023ع جي ضمني امتحانن جي نتيجن جو اعلان

ڪراچي: ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي پاران ڏهين ڪلاس سائنس ۽ جنرل گروپ (ريگيولر ۽ پرائيويٽ) ضمني امتحان 2023ع جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اهي نتيجا بورڊ جي آفيشل ويب سائيٽ WWW.BSEK.EDU.PK تي ڏسي سگهجن ٿا.ميٽرڪ بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر سيد شرف علي شاهه چيو آهي ته سپليمنٽري امتحانن ۾ 11 هزار 845 اميدوارن حصو ورتو، ڪاميابي جو تناسب 66.85 سيڪڙو رهيو.تفصيل موجب سائنس گروپ ۾ 9 هزار 902 اميدوارن رجسٽرڊ ڪيو، 9 هزار 422 اميدوارن امتحانن ۾ حصو ورتو جڏهن ته 480 اميدوار غير حاضر رهيا.سائنس گروپ ۾ 6 هزار 438 اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي. اهڙي طرح ڪامياب اميدوارن جو مجموعي تناسب 68.33 سيڪڙو رهيو.اهڙي طرح جنرل گروپ ريگيولر ۾ 1 هزار 663 اميدوارن رجسٽرڊ ڪيا جن مان 1 هزار 584 اميدوارن حصو ورتو.انهن اميدوارن مان 896 اميدوار ڪامياب ٿيا جن جي ڪاميابي جو مجموعي تناسب 56.57 سيڪڙو رهيو.اهڙي طرح جنرل گروپ پرائيويٽ اميدوارن جي انگن اکرن موجب 923 اميدوار رجسٽرڊ ٿيا، جن مان 839 اميدوارن امتحانن ۾ حصو ورتو.انهن شاگردن مان 584 اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي جن جي ڪاميابي جو مجموعي تناسب 69.61 سيڪڙو رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔