مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وزيرن جي ڊيوٽي لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي :رمضان مهيني ۾ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت صوبائي وزيرن جي ڊيوٽي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سڀني صوبائي وزيرن کي بچت بازارن جا دورا ڪري سرڪاري اگهه تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.جن وزيرن کي ڪراچي جي بازارن ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، انهن ۾ سردار شاهه، سعيد غني ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته احسان مزاري ۽ نجمي عالم به ڪراچي ڊويزن ۾ دورا ڪندا.ان کانسواءِ علي حسن زرداري کي شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ مارڪيٽن جا دورا ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ناصر شاهه ۽ محمد بخش مهر سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ رمضان بچت بازارن ۾ اگهن جو جائزو وٺندا، جڏهن ته ڄام خان شورو ۽ ضياءُ الحسن لنجار حيدرآباد، ميرپورخاص ۾ بچت بازارن جا دورا ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔