پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اقتصادي ڳالهين جو فائنل رائونڊ اڄ ٿيندو

اسلام آباد: پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي وفد وچ ۾ اقتصادي ڳالهين جو فائنل رائونڊ اڄ ٿيندو.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي سرڪاري آفيسرن جي اثاثن جا تفصيل رئيل اسٽيٽ ۽ مني لانڊرنگ تي به ڳالهيون شيڊول آهن. وفد سان پينشنز ۽ ويجن ڪلائميٽ فنانسنگ، مانيٽري پاليسي ۽ ايندڙ بجيٽ تي به ڳالهيون ڪيون وينديون.

ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف وفد صوبن سان گڏ فسڪل آپريشن ڊيٽ ڪموڊيٽي اسڪيم تي ڳالهيون ڪندو. وفد معاشي ٽيم سان هيلٿ اينڊ ايجوڪيشن اسپيڊنگ روينيو قدمن تي ڳالهيون ڪندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ فاريڪس مارڪيٽ بجيٽ پراسيس ۾ تبديليون ۽ جاتي ريفارمرز تي به ڳالهيون شيڊول آهن.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد سان گڏ اڄ ڳالهيون مڪمل نه ٿيون ته اڱاري تي مختصر ڳالهين جو امڪان آهي. وفد اڃان تائين ايڪسٽرنل فنانسنگ جي روڊ ميپ تي عدم اطمينان ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته اداري جاتي اصلاحات جو پراسيس سست ٿيڻ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔