مير علي حملي ۾ ملوث دهشتگرد ڪمانڊر 8 ساٿين سميت مارجي ويو

راولپنڊي: سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آپريشن دوران فائرنگ جي تبادلي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن 17 ۽ 18 مارچ جي وچ واري رات ڪيو ويو.آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن ۾ اعليٰ قدر جو ٽارگيٽ ڪلر ڪمانڊر سحر عرف جانان به شامل آهي.دهشتگرد سحر عرف جانان 16 مارچ تي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پوسٽ تي حملي ۾ ملوث هو.مارجي ويل دهشتگرد ڪمانڊر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ممڪنه دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشن کاتي جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان جون سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔