انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 70 پئسا ٿي ويو

ڪراچي:ڪاروباري هفتي جي شروعات تي انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر جي قدر ۾ 4 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 4 پئسا سستو ٿي 278 رپيا 70 پئسا ٿي ويو. گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 66 پيسا هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروباري هفتي جي شروعات ۾ مخلوط واپاري رجحان ڏٺو ويو، جيڪو بعد ۾ مثبت رجحان ۾ تبديل ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 152 پوائنٽن جي واڌ سان 64 هزار 968 تي پهچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انڊيڪس 64,816 پوائنٽس تي بند ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔