وزيراعظم پاڪ فضائيه سربراهه جي ملازمت جو مدو وڌائي ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

وزيراعظم ايئر چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي سمري صدر کي موڪلي آهي، صدر ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو اعلان ڪندو.

ظهير احمد بابر سڌو 19 مارچ 2021 ۾ پاڪ فضائيه جي ڪمان سنڀالي هئي، هن 1986 ۾ فائٽر پائلٽ طور پاڪ فضائيا ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔