پي ايس ايل کٽڻ تي وزيراعظم جي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي مبارڪباد

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پي ايس ايل کٽڻ تي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ٽيمن بهترين راند جو مظاهرو ڪيو. اها ڪنهن هڪ ٽيم جي نه پر پاڪستان جي فتح آهي.

ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) سيزن 9 جي فائنل ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ملتان سلطان کي دلچسپ مقابلي کان پوءِ شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي.

ملتان پاران ڏنل 160 رنسن جو حدف اسلام آباد يونائيٽيڊ 8 وڪيٽن جي نقصان تي آخري بال تي حاصل ڪيو ۽ 2 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري ٽيون ڀيرو پي ايس ايل جي چيمپين بڻجي وئي.

ڪاميابي ماڻڻ تي وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد يونائيٽيڊ کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته ڪرڪٽ جي راند پوري قوم کي گڏ ڪندي آهي. پي ايس ايل جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي پي سي بي، سيڪيورٽي فورسز، منتظمين ۽ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.

هن چيو ته پوري ليگ ۾ شاندار مقابلا ۽ بهترين راند ڏسڻ ۾ آئي. آءِ پي ايس  ايل ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي رانديگرن جا خصوصي طور تي ٿورائتا آهيون.

وزيراعظم چيو ته پي ايس ايل جي ڪري پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ مدد ملي. حڪومت ملڪ ۾ ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ لاءِ پرعزم آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔