حڪومت جون ٽن صوبن ۾ خاص پوليو روڪ مهم هلائڻ جو فيصلو

اسلام آباد : وفاقي حڪومت ٽن صوبن ۾ خاص پوليو روڪ مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اها مهم 25 کان 28 مارچ تائين هلائي ويندي.
ذريعن موجب خاص پوليو مهم پازيٽو سيوريج سيمپلز وارن ضلعن ۾ هلائي ويندي، آئوٽ بريڪ ريسپانس پوليو مهم پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هلندي، 26 ضلعن ۾ 82 لک کان وڌيڪ ٻارن جي پوليو ويڪسينيشن ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي 11، سنڌ جي 8، پنجاب جي 7 ضلعن ۾ مهم هلندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔