اميتاڀ بچن جي سرجري بابت گردش ڪندڙ خبر ڪوڙي قرار

ممبئي ؛ بالي ووڊ جي شهنشاهه ۽ ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن پنهنجي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ ۽ سرجري بابت گردش ڪندڙ خبرن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته 81 ورهين جي ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن جي صحت اوچتو خراب ٿي وئي آهي، جنهن سبب کيس ممبئي جي ڪوڪيلابين اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس اينجيو پلاسٽي ڪئي وئي آهي.بهرحال گذريل رات اداڪار کي انڊين اسٽريٽ پريميئر ليگ (ISPL) جي فائنل ميچ دوران ڏٺو ويو. سينيئر اداڪار فائنل ميچ جي هڪ تصوير فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي پڻ شيئر ڪئي ۽ ان سان گڏ ڪيل ڪيپشن ۾ هن چيو ته آءِ ايس پي ايل فائنل ۾ ليجنڊ ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر سان گڏ وقت گذارڻ ۾ مزو آيو،اميتاڀ بچن لکيو ته اڄ شام آءِ ايس پي ايل فائنل دوران عظيم ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر سان وقت گذارڻ ۽ ان کان ڪرڪيٽ بابت سکڻ ۽ سندس ناقابل اعتماد ڪرڪيٽ تجربا ساراهه جوڳو آهي.ساڳئي ميچ کانپوءِ بگ بي ميڊيا سان به مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن جي وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.مٿين وڊيو ۾ اميتاڀ بچن کي اسٽيڊيم مان نڪرندي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن دوران صحافي اداڪار کان سندس خيريت بابت سوال ڪيو ۽ چيو ته ”تنهنجي اينجيو پلاسٽي ڪيئن ٿي؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔