سون جي اگهه ۾ وڏي گهٽتائي

ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب هڪ هزار 50 رپيا گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 27 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 900 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 95 هزار 45 رپين جو ٿي ويو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ سون 13 ڊالر گهٽجڻ سان 2175 ڊالر في اونس آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔