پهريون ايليمينيٽر، اسلام آباد ڪوئيٽا کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 9 جي پهرين ايليمينيٽر ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 39 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ڪوئيٽا طرفان عمير يوسف ٽاپ اسڪورر رهيو، هن 37 بالن تي 50 رنسن جي اننگز کيڏي.اسلام آباد جي 174 رنسن جي جواب ۾ ڪوئيٽا جي پوري ٽيم 18.4 اوورن ۾ 135 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ان جا 8 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ فتح لاءِ 175 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.اسلام آباد جي بيٽسمين مارٽن گپٽل 56 ۽ آغا سلمان 31 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ايلڪس هيلز ۽ شاداب خان 23، 23 ۽ اعظم خان 18 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.فهيم اشرف ۽ حيدر علي رڳو هڪ هڪ رنسون ٺاهي سگهيا.اهڙي ريت اسلام آباد يونائيٽيڊ مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنسون ٺاهيون.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي محمد عامر ۽ عقيل حسين 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته محمد وسيم، ابرار احمد ۽ سعود شڪيل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جو ڪپتان شاداب خان ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو ڪپتان رلي روسو ميدان ۾ پهتا.ٻنهي ٽيمن پي ايس ايل ۾ گذريل 4 ميچن ۾ 2، 2 تان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.اسلام آباد جي فائنل اليون ۾ ايلڪس هيلز، مارٽن گپٽل، سلمان علي آغا، شاداب خان، اعظم خان، حيدر علي، عماد وسيم، فهيم اشرف، نسيم شاهه، حنين شاهه ۽ عابد مڪوي شامل آهن.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز طرفان جيسن راءِ، سعود شڪيل، خواجه نافي، ريلي روسو، عمير بن يوسف، لاري ايوانز، عقيل حسين، محمد وسيم جونيئر، محمد عامر، ابرار احمد ۽ عثمان طارق ٽيم جو حصو آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔