ڪي پي ۾ خالي سيٽن تي چونڊون 2 اپريل تي ٿينديون

پشاور: خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ جي 11 خالي سيٽن تي چونڊون 2 اپريل تي ٿينديون.اليڪشن ڪميشن جي اختيارين موجب خيبرپختونخواهه ۾ 7 جنرل، 2 ٽيڪنو ڪريٽ ۽ 2 عورتن جي خالي سيٽن تي چونڊ ٿيندي. ان سلسلي ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن کان 89 کان وڌيڪ اميدوارن سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا آهن.صوبائي اليڪشن ڪميشن کان سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ 7 جنرل سيٽن جي لاءِ 67 ۽ عورتن جي 2 سيٽن جي لاءِ 14 جڏهن ته ٽيڪنوڪريٽ جي 2 سيٽن جي لاءِ 8 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا.سينيٽ چونڊن جي سلسلي ۾ فيصل جاويد، اعظم سواتي، طلحه محمود، دلاور مهمند سميت 9 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. خيبرپختونخواهه اسيمبلي جا 143 ميمبر 2 اپريل تي ووٽ ڪاسٽ ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔