شهيدن خلاف بيان ڏيندڙن جو دهشتگردن سان ضرور ڪو واسطو آهي: خواجه آصف

سيالڪوٽ: بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي خيبر پختونخواهه ۾ ٿي رهي آهي، جيڪي شهيدن خلاف بيان ڏيندا آهن، انهن جو دهشتگردن سان ضرور ڪو رابطو آهي.

سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته دهشتگردي جا اڪثر واقعا افغان سرزمين تان اسان جي خلاف ٿي رهيا آهن، جيڪي دهشتگرد افغانستان مان پاڪستان اچي رهيا آهن، هي ماڻهو ئي انهن کي پناهه ڏيندا آهن.

هن چيو ته فوج جهڙي قسم جون قربانيون ڏئي رهي آهي، ان جي جيتري عزت ڪجي گهٽ آهي، دهشتگردي خلاف جنگ متحد ٿي وڙهي سگهجي ٿي، ڪجهه ماڻهن شهيدن جو مذاق اڏايو، انهن کي رٽرننگ آفيسرن سان تشبيهه ڏني، شهيد اسان جا محسن آهن، ملڪ انهن جي ڪري قائم آهي.

تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي خواجه آصف چيو ته اها پارٽي سڃاڻپ وڃائي چڪي آهي، اها سني اتحاد ڪائونسل آهي يا پي ٽي آءِ ڪا خبر ناهي، اسيمبلي ۾ انهن غزا ٺهراءَ خلاف ووٽ ڏنو.

سندس چوڻ هو ته اسٽيبلشمينٽ سان سڀني جماعتن سان اختلاف رهيا پر ڪنهن اهڙو رويو اختيار نه ڪيو، انهن پنهنجي ڪرتوتن سبب اقتدار وڃايو، جهڙا خط آمريڪي ڪانگريس کي لکيا پيا وڃن، اها ملڪ دشمني آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔