نگران حڪومت جي وڃڻ بعد هفتي اندر مهانگيءَ ۾ وڏي واڌ

ڪراچي : نگران حڪومت جي وڃن کان پوءِ پهرين هفتي ۾ ئي مهانگائي ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شره ۾ 1.11 سيڪڙو جو وڏو اضافو ٿيو آهي. ڳڻپ واري کاتي جي رپورٽ موجب ساليانو بنيادن تي مهانگائي جي شرح 32.39 سيڪڙو ٿي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو اهي ته هڪ هفتي ۾ 14 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، بصر 60 روپيا 28 پئسا واڌ سان 238 روپيا 30 پيسا في ڪلو ٿي ويا جڏهن ته هڪ هفتي ۾ پٽاٽا 13 روپيا 36 پئسا في ڪلو مهانگا ٿيا آهن. اهڙيءَ طرح ڪيلا 10 روپيا 22 پئسا في درزن، بيضا 6 روپيا 71 پئسا في درزن، بيف 11 روپيا 76 پئسا في ڪلو جڏهن ته مٽن 8 روپيا 83 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو.ڳڻپ واري کاتي موجب هڪ هفتي ۾ 14 شيون سستيون ٿيون، برائلر ڪڪڙ 31 روپيا 3 پئسا في ڪلو جڏهن ته چانهه جو 190 گرام وارو پاڪيٽ 7 روپيا 13 پئسا سستو ٿيو. اهڙيءَ طرح ٿوم 2 روپيا 33 پئسا في ڪلو، اڍائي ڪلو جي گيهه جو دٻو 2 روپيا 49 پئسا سستو ٿيو جڏهن ته چڻن جي دال، باسمتي چانور، اٽو ۽ کنڊن سستي ٿي. هاڻوڪي هفتي 23 ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔