تاريخ رقم، جيمز اينڊرسن 700 وڪيٽون وٺندڙ پهريون فاسٽ بالر

لنڊن : انگلينڊ جي فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن تاريخ رقم ڪري ڇڏي، هو 700 وڪيٽون وٺندڙ پهريون فاسٽ بالر بڻجي ويو.41 ورهين جي جيمس اينڊرسن ڀارت خلاف پنجين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن اهو سنگ ميل عبور ڪري ورتو.انگلش فاسٽ بالر ڀارت جي ڪلديپ ياديو کي آئوٽ ڪري 700 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون.جيمز اينڊرسن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 700 يا ان کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ ٽيون بالر آهي.ان کان اڳ اسپنر متيها مرليڌرن 800 ٽيسٽ وڪيٽون ورتيون جڏهن ته شين وارن 708 ٽيسٽ وڪيٽون ورتيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔