آصف علي زرداري وڏي اڪثريت سان هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جو صدر چونڊجي ويو

ڪراچي:پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽ جو صدر آصف علي زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اڪثريت سان ملڪ جو صدر چونڊجي ويو آهي

ملڪ جي چئني صوبن جي اسيمبلين ۾ ملڪي صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ ٿي ، جنهن مان ٽن اسيمبلي جي پولنگن جو رزلٽ اچي ويو جنهن موجب آصف علي زرداري وڏي اڪثريت سان کٽي ويو آهي

صدارتي چونڊ لاءِ حڪومتي اتحاد پاران آصف علي زرداري ۽ مخالف ڌر پاران محمود اچڪزئي اميدوار هو .جنهن ۾ سرڪاري اميدوار آصف علي زرداري پارليامينٽ مان 255 ووٽ کڻي ڳري اڪثريت سان صدر چونڊجي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔