اسد طور خلاف ڪاروائي، عدالتي ڪلهي تي بندوق رکي هلائي وئي:چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ صحافين کي هيسائڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاران آءِ جي اسلام آباد تي ڪاوڙ جو اظهار، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پاران ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس مطيع الله جان جي اغوا ۽ ابصار عالم تي حملي واري معاملي ۾ آءِ جي اسلام آباد جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ ظاهر ڪئي چيف جسٽس چيو ته هڪ ڏوهه جي ريڪارڊنگ موجود آهي ۽ آءِ جي انهن جوابدارن جو پتو نه لڳائي سگهيو، اٽارني جنرل صاحب هي ڪهڙي قسم جو آءِ جي آهي؟ هن کي هٽائڻ گهرجي چيف جسٽس آءِ جي کي مخاطب ٿيندي چيو ته چار سال ٿي ويا آهن، اڃا توهان کي ڪيترو وقت کپي، ڇا توهان کي 4 صديون گهرجن؟ ڇا توهان هتي پنهنجو رڳو منهن ڏيکارڻ آيا آهيو؟ ڪنهن صحافي کي گولي هنئي وڃي ٿي ۽ ڪنهن جي گهر ۾ گهڙي مارڪٽ ڪئي وڃي ٿي پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ پاران پيش ٿيل بئرسٽر صلاح الدين چيو ته اسد طور جيل ۾ آهي، هن تي حڪومتي آفيسرن جو وقار مجروح ڪرڻ جا الزام آهن چيف جسٽس ايف آءِ اي آفيسر تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته ڇا اسان مان ڪنهن جج يا رجسٽرار شڪايت ڪئي آهي؟ توهان رڳو اسان جي ڪلهي تي رکي بندوق هلائي رهيا آهيو، ايف آءِ اي آفيسر چيو ته توهان طرفان ڪا به شڪايت نه آئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔