وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي مقرري لاءِ صدر ڏانهن وفاقي وزيرن جي لسٽ موڪلي ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ 18 ڄڻن جي وفاقي وزير طور مقرري جي لسٽ صدر ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي

 وزيراعظم پاران وفاقي وزيرن جي مقرري لاءِ صدر ڏانهن اماڻيل لسٽ ۾ اسحاق ڊار، مصدق ملڪ، حبيب بينڪ جي سربراهه محمد اورنگزيب، احد چيما ۽ اڳوڻي نگران وڏي وزير محسن نقوي جا نالا به شامل آهن

وزيراعظم شهباز شريف جي تجويز موجب خواجا آصف، احسن اقبال، راڻا تنوير، ڄام ڪمال، انجنيئر امير مقام ۽ اويس لغاري کي به وفاقي وزير مقرر ڪيو ويندو

 وزيراعظم پاران عطاءُ الله تارڙ، خالد مقبول صديقي، قيصر شيخ ۽ رياض پيرزاده کي به وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي

 وزيراعظم شزا فاطمه خواجا کي مملڪتي وزير بڻائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، اسحاق ڊار ۽ مصدق ملڪ سينيٽ ميمبر طور مدو پورو ٿيڻ بعد به وفاقي وزير طور ڪم ڪندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔