دنيا جو پهريون آر پار ڏيکاريندڙ ليپ ٽاپ متعارف

بارسلونا : هڪ ڪمپني اهڙو انوکو ليپ ٽاپ تيار ڪيو آهي جنهن جي اسڪرين ٽرانسپرنٽ يعني ان جي آر پار ڏسڻ ممڪن آهي. چيني ڪمپني لينووو بارسلونا ۾ جاري موبائيل ورلڊ ڪانگريس جي موقعي تي اِهو پروٽو ٽائيپ ليپ ٽاپ پيش ڪيو. ليپ ٽاپ اهڙي ڪي پيڊ سان ليس آهي جنهن ۾ هڪ ٽَچ ڪي بورڊ ۽ اسٽائولوس موجود آهي. ڪمپني موجب، ليپ ٽاپ جي اسڪرين جي پٺيان هڪ ڪيمرا لڳل آهي جيڪا آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي ذريعي شين جي سڃاپ ڪري انهن بابت ڄاڻ فراهم ڪندي آهي.ان ليپ ٽاپ ۾ 17.3 انچ اسڪرين آهي جنهن جو 55 سيڪڙو حصو ان وقت ٽرانسپرنٽ ٿي ويندو آهي جڏهن پڪسلز بليڪ هونديون آهن. ڪمپني موجب، ڊيوائس جي اسڪرين گلاس مان تيار ڪئي وئي آهي ته جيئن اوهان آرپار ڏسي سگهو. هي بنيادي طور سائنس فڪشن فلمن جو خيال آهي جنهن کي حقيقي شڪل ڏني وئي آهي. ڪمپني طرفان ڄاڻايو ويو آهي ته فلحال هي هڪ ڪانسيپٽ ڊيوائس آهي جنهن کي وڪرو لاءِ پيش نه ڪيو ويندو. اِهو ئي ڪارڻ آهي هو ان بابت وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا، ليپ ٽاپ ونڊوز 11 آپريٽنگ سسٽم تحت ڪم ڪري ٿو. ان جي ڊسپلي لاءِ مائيڪرو ايل اِي ڊي اسڪرين استعمال ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح جي اسڪرين ننڍي پڪسلز لاءِ استعمال ٿيندي آهي ۽ او ايل اي ڊي جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر سمجهي ويندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔