سينيئر ڪيوي ڪرڪيٽر پاران ريٽائرمينٽ جو اعلان

ميلبورين : نيوزيلينڊ جي کاٻي هٿ جي فاسٽ بالر نيل ويگنر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.نيل ويگنر آسٽريليا خلاف خميس کان شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ کان اڳ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.کاٻي هٿ جي فاسٽ بالر نيل ويگنر کي ٻڌايو ويو هو ته هو ٽيسٽ ميچ جو حصو نه هو پر هيڊ ڪوچ گيري اسٽيڊ سان گڏ ويلنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن پنهنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.نيل ويگنر 64 ٽيسٽ ميچن ۾ نيوزيلينڊ جي نمائندگي ڪئي ۽ 260 وڪيٽون ورتيون.هو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏندو رهندو.پريس ڪانفرنس ڪندي نيل ويگنر چيو ته ريٽائرمينٽ جو فيصلو آسان نه هو، اهو منهنجي لاءِ جذباتي هفتو رهيو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ٻين لاءِ ٽيم کي اڳتي وٺي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔