نئين حڪومت جو قيام پاڪستان جي قيادت ۾ ٿي پيو: آمريڪا

واشنگٽن : نئين حڪومت جو قيام پاڪستان جي قيادت ۾ ٿي رهيو آهي، آمريڪا ان ۾ شريڪ ناهي،واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته هي ڪا اهڙي ڳالهه ناهي جنهن تي آمريڪا تبصرو ڪري سگهي.هن چيو ته اسان حڪومت کي اهڙي طريقي سان اڳتي وڌندي ڏسڻ چاهيون ٿا جيڪا پاڪستان جي عوام جي خواهش جي عڪاسي ڪري.ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته ڄاڻايل بي ضابطگين جي جاچ جلد کان جلد مڪمل ٿيڻ گهرجي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاڪ ايران گئس پائيپ لائين تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔