لاهور کي پشاور هٿان شڪست، وين در دسن جي سينچري ضايع

لاهور:هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ لاهور جا اوپنر نه هليا، وين در دسن پي ايس ايل جي هن سيزن جي پهرين سينچري اسڪور ڪئي ۽ 52 بالن تي 104 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، صاحبزاده فرحان 3 چوڪا هڻي 12 بالن تي 15 رنسون ٺاهي نوين الحق جي بال تي ڪيپر حسيب الله هٿا ڪيچ ٿيو، فخر الزمان کي 4 رنز تي ليوڪ ووڊ بولڊ ڪيو، هڪ ڇڪي ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 23 بالن تي 29 رنز ٺاهي شائي هوپ سلمان ارشاد جي بال تي بولڊ ٿيو. وين در دسن زبردست بيٽنگ ڪندي 50 بالن تي 6 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان سينچري مڪمل ڪئي. آخري 6 اوورز ۾ 87 رنز گهربل هيون. رن ريٽ 14 کان به مٿي هليو ويو هو. ٽن چوڪن جي مدد سان 13 بالن تي 20 رنز ٺاهي ا حسن ڀٽي آئوٽ ٿي ويو. آخري اوور ۾ 18 رنز گهربل هيون. پهرين ٻن بالن تي سنگل ٺهيون جنهن بعد سڪندر رضا ٻئي رن مڪمل نه ڪري سگهيو ۽ رن آئوٽ ٿي ويو. ٻن بالن تي 15 رنسون گهربل هيون ڪارلوس بريٿويٽ هڪ بال مس ڪري آخري بال تي ڇڪو هنيو پر لاهور 8 رنسن تان ميچ هارائي وئي. ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ جي ٻارهين ميچ ۾ پشاور زلمي لاهور قلندرز کي کٽڻ لاءِ 212 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي ٽاس کٽي پشاور زلمي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. حارث رئوف زخمي هجڻ سبب پي ايس ايل 9 مان ٻاهر ٿي ويو آهي، هو 24 جنوري تي قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪراچي ڪنگز خلاف ڪيچ ڪندي ڪري پيو هو جنهن سبب ساڄي ڪلهي ۾ زخم آيو هئس. اوپنر بابر ۽ صائم ايوب 136 رنسن جي شاندار پارٽنرشپ قائم ڪئي، صائم شاندار اڌ سينچري اسڪور ڪئي. بابر 48 ۽ صائم 88 رنسون ٺاهيون. ان کان علاوه رومان پال 20 بالن تي 46 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، آصف علي 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته محمد حارث 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ والٽر 2 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. لاهور قلندرز طرفان شاهين آفريدي 3 ۽ جهانداد خان هڪ وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته لاهور قلندرز ٽورنامينٽ ۾ هن وقت تائين هڪ به ميچ نه کٽي سگهي آهي، کيس 4 ميچن ۾ مسلسل شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ پوائنٽ ٽيبل تي باٽم تي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔