غزه جا ماڻهو فاقن تي مجبور، الشفا اسپتال ۾ غذائي کوٽ ٻارڙا فوت

غزه : غزه ۾ اسرائيل جا وحشي حملا جاري آهن، اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 30 هزارن تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته امداد نه ملڻ سبب ماڻهو بک وگهي مرڻ تي مجبور آهن.اتر غزا، خان يونس ۽ رفح ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري جاري آهي، شهيدن جو انگ 30 هزارن تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 60 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري يو اين آر ڊبليو اي موجب آخري ڀيرو 23 جنوري تي اتر غزا ڏانهن کاڌو موڪليو ويو هو، ان وقت کان وٺي اتي ڪجهه به نه پهتو آهي، جنهن ڪري اتي جا ماڻهو بک مرڻ تي مجبور آهن. UNRWA جي سربراهه جو چوڻ آهي ته اسان ۽ گڏيل قومن جي ٻين تنظيمن اڳ ۾ ئي خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته امداد نه پهچڻ جي صورت ۾ ڏڪار جو خطرو آهي ۽ خوراڪ جي کوٽ بحران کي وڌيڪ خراب ڪري سگهي ٿي، تنهن ڪري انساني بنيادن تي امداد جي اجازت ڏني وڃي،هن چيو ته ڏڪار کان بچي سگهجي ٿو جيڪڏهن وڌيڪ کاڌي جي قافلن کي باقاعده بنياد تي اتر غزه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي.هن چيو ته اقوام متحده کي ڪيترائي ڀيرا امداد فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.يو اين آر ڊبليو اي جي سربراهه چيو ته ڏڪار کان اڃا به بچي سگهجي ٿو، ايندڙ ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي گڏيل انسانيت ۽ قدرن جو امتحان وٺندا.ميڊيا رپورٽن موجب الشفا اسپتال ۾ 2 مهينن جي معصوم ٻارڙي خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي وئي.الشفا اسپتال جي ڊاڪٽر موجب 2 مهينن جي ٻارڙي کي سخت غذائي کوٽ سبب ساهه کڻڻ ۾ مشڪل هئي، جنهن سبب کيس اسپتال آندو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو، غزه ۾ اڳ ئي نادر آهي.گڏيل قومن موجب غزه ۾ 2.3 ملين ماڻهو ڏڪار جي ڪناري تي آهن ۽ ان سبب ٻارن جو وڏو انگ مري سگهي ٿو.ٻئي طرف اسلامي تعاون تنظيم غزه ۽ ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي فوج پاران فلسطينين جي منظم قتل عام ۽ نسل ڪشي جي سخت مذمت ڪندي غزه ۾ غير مشروط جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي.او آءِ سي جو چوڻ آهي ته اوڀر يروشلم سان گڏ فلسطيني رياست جو قيام ئي امن جو واحد رستو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔