اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، 655 پوائنٽس اضافو

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هفتي جي پهرين ڏينهن تي واپار ۾ تيزيءَ جو رجحان ڏٺو ويو، بينچ مارڪ ايس اي 100 انڊيڪس اڄ 655 پوائنٽس وڌيو.پي ايس ايڪس جي ويب سائيٽ موجب، KSE-100 انڊيڪس صبح 9:55 تي 655 پوائنٽس يا 1.04 سيڪڙو وڌي 63,470 تي پهچي ويو، جيڪو ڪالهه 62,815 تي بند ٿيو هو.ياد رهي ته انڊيڪس گذريل هفتي جي آخري ڪاروباري ڏينهن تي 901 پوائنٽس جي واڌ ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔