لاڙڪاڻي ۾ جنم وٺندڙ بالي ووڊ جو مشهور فلمساز لاڏاڻو ڪري ويو

ممبئي: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي ۾ جنم وٺندڙ ڀارتي فلم انڊسٽري جو مشهور فلمساز ڪمار شاهاڻي 83 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب بالي ووڊ فلمساز ڪمار شاهاڻي ڇنڇر ڏينهن 83 ورهين جي ڄمار ۾ ڪولڪتا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.مشهور فلم ساز ڪمار شاهاڻي هندستاني متوازي سئنيما جي علمبردارن مان هڪ هو.ڪمار شاهاڻي جو ڪيريئر 6 ڏهاڪن تي مشتمل رهيو، جنهن ۾ هن 1972ع جي فلم ’مايا درپن‘ سميت ڪيترين ئي فلمن جي هدايتڪاري ڪئي.ڪمار شاهاڻي جي فلم ’مايا درپن‘ کي 1973ع ۾ بهترين فيچر فلم جو نيشنل فلم ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي.7 ڊسمبر 1940ع تي پاڪستان جي شهر لاڙڪاڻي ۾ جنم وٺندڙ ڪمار شاهاڻي فلم اينڊ ٽيليويزن انسٽيٽيوٽ آف انڊيا ۾ تعليم حاصل ڪئي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب شاهاڻي 1958ع کان 1962ع تائين پوليٽيڪل سائنس ۽ تاريخ جو اڀياس پڻ ڪيو.مشهور فلمساز ڪمار شاهاڻي به بالي ووڊ ۾ هڪ استاد ۽ سئنيما نظريه نگار جي حيثيت سان هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔