پاڪستان جي چونڊن کي ويجهي کان ڏسون پيا: آمريڪا

واشنگٽن :آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي چونڊ عمل کي ويجهي کان ڏٺو پيو وڃي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل هڪ پريس بريفنگ ۾ چيو ته هو چاهين ٿا ته ان عمل ۾ اظهار جي آزادي جو احترام ڪيو وڃي.ويدانت پٽيل چيو ته ميڊيا جي آزادي تي پابندي، اظهار جي پابندي، انٽرنيٽ جي آزادي سميت پرتشدد واقعن تي ڳڻتي آهي هن چيو ته پاڪستانين کي آزاد ۽ شفاف چونڊن ذريعي پنهنجا اڳواڻ چونڊڻ جو حق آهي،آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي نائب ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام کي پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪنهن خوف، تشدد يا ڌمڪي کانسواءِ ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔