سنڌ پريميئر ليگ جو پهريون ايڊيشن ميرپورخاص ٽائيگرز جي نانءِ

ڪراچي: سنڌ پريميئر ليگ (ايس پي ايل) جي پهرئين ايڊيشن ۾ ميرپورخاص ٽائيگرز فائنل ۾ حيدرآباد بهادرز کي 79 رنسن تان شڪست ڏئي کٽي ورتي. نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل ايونٽ جا ميچ جيو سپر تي لائيو نشر ڪيا ويا.فائنل ۾ ميرپورخاص ٽائيگرز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنسون ٺاهيون، حسيب الله 44 رنسون ۽ ڪپتان عمر امين 32 رنسون ٺاهيون جڏهن ته فيضان 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.جواب ۾ حيدرآباد بهادرز جي ٽيم 13هين اوور ۾ 96 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، سجاد 26 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو.عثمان طارق شاندار بالنگ ڪندي صرف 16 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون، يعقوب 25 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔